خاطي محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي

’خاطي‘ محمد اسماعيل ڪنڀار، ٺٽوي: نامور عالم ۽ اديب مولوي حاجي محمد اسماعيل ٺٽوي ولد ميانجي محمد حسين ڪنڀار، 1911ع ڌاري ڳوٺ رامون ڪنڀار، تعلقي شاهبندر، ضلعي ٺٽي ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پنهنجي والد کان حاصل ڪيائين، پوءِ برک عالم مفتي محمد حسين صديقيءَ وٽ پڙهيو. مولانا محمد اسماعيل جوانيءَ ۾ ئي علمي ادبي ڪمن، تحريڪن ۽ روحانيت ڏانهن راغب هو. هن سرهندي بزرگن مان خواجه محمد حسن جان سرهنديءَ جو پوئلڳ ٿي نقشبندي طريقو اختيار ڪيو. پنهنجي والد سان گڏجي ملڪي تحريڪن ۾ حصو ورتائين. پيءُ جي وفات بعد ڪراچيءَ ۾ سيمينٽ جي ڪارخاني ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. پنهنجي گهر جي ڀر ۾ درس تدريس لاءِ حاجي عبدالحسين جي مدد سان مدرسو قائم ڪيائين. هيءُ حڪيم به هو. هن عبدالحسين وينجهر کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو. ڪيترا ڪتاب ترجمو ڪيائين ۽ سهيڙيائين. نثر نويس سان گڏ شاعر به هو. شاعريءَ ۾ ’خاطي‘ تخلص استعمال ڪندو هو. سندس ڪيترا ترجمو ڪيل ۽ ترتيب ڏنل ڪتاب شايع ٿيل آهن، جن ۾: ’جمال حبيب‘، ’برڪات الصلواة‘ (ترجمو)، ’بناءُ الاسلام‘ (ترتيب)، ’مجمع الدعوات‘ (ٻه ڀاڱا، ’نماز مترجم‘، ’ياسين شريف‘ (ترجمو)، ’ذبح شڪار‘ (ترجمو)، ’ڪتاب الصوم‘، ’ڪتاب الذڪواة‘، ’مجمع المناجات‘ (ترجمو)، ’دعا صديق اڪبررضه‘ (ترجمو، ’حج جي سعادت‘ شامل آهن.
سندس پهرئين ڪتاب ’جمال حبيب‘ تي کيس ڊسمبر 1981ع تي مذهبي مامرن واري وفاقي وزارت طرفان ’ستاره امتياز‘ ۽ پنج هزار رپيا انعام طور ملي. سندس هي ڪتاب بعد ۾ سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشوري پاران به ڇپيو. سندس ڪتاب ’ذبح شڪار‘ ٻيو ڀيرو سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ 2010ع ۾ ڇپايو آهي. هيءُ نامور عالم 8 جولاءِ 1996ع تي وفات ڪري ويو. سندس آخري آرام گاهه مڪلي قبرستان ۾ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو